ابو دائود امام

ابو دائود، امام:امام ابو دائود هڪ بلند پايي جو محدث ٿي گذريو آهي. هيءُ سيستان ( ايران) ۾ 202هه/817ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ امام بخاريءَ جو هم سبق هو. سندس جمع ڪيل حديثن جو تعداد ڪافي آهي. علم حديث جي تحقيق ۾ هن ڪيترائي ڪشالا ڪاٽيا ۽ وڏا سفر ڪيا. سندس گڏ ڪيل حديثن جي مجموعي ۾ تقريباً پنج هزار روايتون شامل آهن. هن عقيدن وغيره متعلق روايتون هڪ جدا مجموعي ۾ ڪٺيون ڪيون آهن، جن کي ’جامع ابو دائود‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. ابو دائود 73 سالن جي ڄمار ۾ 275هه/888ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو